02/08/2026
اسلام عليڪم آبادگار هاري زميندار ڀائرو
اَڄُ جي ڳالھ
ڪافي دوستن ڀائرن اسرار ڪيو ،،، ڪندا رهيا ته پراڻن ريڪارڊ بابت ڪا معلوماتي پوسٽ پنهنجي پيج تي رکون
سو حاضر آهي تمام فولاورز ٻيا جيڪي ناهن انهن لاءِ به .....
....... سندھ جي زمينن جي تاريخ، ابا ڏاڏا جي مالڪي ۽ پراڻن ريڪارڊز بابت پوسٽ پيش آهي.........
ابا ڏاڏا جي زمين جو قديمي ريڪارڊ ڪيئن ۽ ڪٿان ڳولجي ....جامع ڄاڻ.... ا ڪثر دوست سوال ڪندا آهن ته
: اسان جي ابا ڏاڏا يا پڙ ڏاڏي جي نالي ڪا زمين هئي، ان جو پراڻو ريڪارڊ ...سند...کاتو ...ڪيڏانهن وڃي ڳولجي ۽ شروعات ڪٿان ڪجي
ريوينيو کاتي مطابق قديمي زمين جي ريڪارڊ تائين پهچڻ لاءِ هي مرحلا ۽ ذريعا اهم آهن....
پهريون ته بنيادي معلومات گڏ ڪرڻ شروعاتي مرحلو ريڪارڊ ڳولڻ کان اڳ توهان وٽ هيٺيون بنيادي معلومات هجڻ ضروري آهي
:بزرگ جو پورو نالو والد جو نالو ۽ قوميت سان گڏ .تعلقو ۽ ديھ زمين ڪهڙي ضلعي، تعلقي ۽ ديھ ۾ واقع هئي.کاتو يا سروي نمبر
جيڪڏهن پراڻو سروي نمبر يا فوٽو اسٽيٽ، ياداشت يا قبالو موجود هجي ته ڪم تمام آسان ٿي ويندو
آن لائين پورٽل ۽ پيپلز سروس سينٽر سنڌ حڪومت بورڊ آف ريوينيو جي تحت ڪافي ريڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري ڇڏيو آهي...
آن لائين پورٽل: بورڊ آف ريوينيو جي سرڪاري ويب سائيٽ sindhzameen.gos.pk. تائين رسائي حاصل ڪري ویلیج فارم 7-A يا ویلیج فارم ب ذريعي پنهنجي ديھ ۾ ريڪارڊ سرچ ڪري سگهجي ٿو.
سروس سينٽر: ضلعي سطح تي قائم ايمرجنگ سروس سينٽرز مان پنهنجي شناختي ڪارڊ يا زميني تپاس ذريعي شروعاتي معلومات وٺي سگهجي ٿي.
تپيدار ۽ تعلقو ريوينيو آفيس اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس جيڪڏهن ريڪارڊ ڪمپيوٽر مان نه ٿو ملي خاص ڪري 1985ع يا ان کان اڳ جو ريڪارڊ ..
ته پوءِ مينوئل دفتري ريڪارڊ ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو
ديھ جي لاڳاپيل تپيدار وٽ ستون الف فوتي کاتو ۽ وليج فارم 7 انتقال ريڪارڊ. موجود هوندو آهي.مختارڪار... اسسٽنٽ ڪمشنر آفي. ۾ تپيدار جي ڏنل معلومات تحت تعلقي آفيس مان VF-VI رجسٽر حقداران يا ڦير ڦار جي ڇان بين ڪري سگهجي ٿي.
ڊسٽرڪٽ آرڪائيوز ۽ مائڪرو فلمنگ شعبي ضلعي انگريز دور يا 1947 کان اڳ جا قديمي ريڪارڊ جھڙوڪ 1870 کان 1935. تائين جا سروي ريڪارڊ
ڊسٽرڪٽ ريڪارڊ روم ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ هر ضلعي جي. ڊي سي آفيس ۾ سدر ريڪارڊ روم هوندو آهي، جتي ڏهاڪن پراڻا دفتر ۽ قديمي رجسٽر رکيل هوندا آهن
مائڪرو فلمنگ آفيس Board of Revenue Karachi تمام قديمي نقشه ديھ ميپس ۽ اصل سروي رجسٽر مائڪرو فلم شعبي مان سرڪاري فيس جمع ڪرائي حاصل ڪري سگهجن ٿا.
آخر ۾ ڪجھ ڪارائتيون تجويزون .......
پراڻا ويڙها ...... پاڙا ڳوليو
گهر ۾ موجود پراڻن سينئر بزرگن کان قديمي سروي نمبرن جو ڪو اندازو يا ليڪو چيڪ ڪريو.
جيڪڏهن ابا ڏاڏا جي زماني ۾ ڪو ورهاڱو، لين دين يا عدالتي فيصلو ٿيو هجي ته ان مان پڻ قديمي ديھ ۽ سروي نمبرن جو تعين ٿي سگهي ٿو.
ڪنهن به ريڪارڊ تي حتمي ڪارروائي لاءِ ريوينيو کاتي جي سرڪاري مهڙ سان تصديق ٿيل ٽرو ڪاپي حاصل ڪري سگھو ٿا...
توھان پنھنجي قيمتي راءِ ڏيندا
پيج کي فالو ڪيو لائيڪ،،،شيئر ڪيو ته جيئن ٻين دوستن ڀائرن کي به صحيح ڄاڻ ملي
سب گڏجي هڪ ٻين جي مدد ڪندا ڪيو...
جزاڪ الله خير الناس
CropScience #